گرڌاري لال ڏوڏيجا

گرڌاري لال ڏوڏيجا : سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽـڪ نويس ۽ مضمون نگار، گرڌاري لال ڏوڏيـجـا عـرف عـام گ. ل. ڏوڏيجا، شڪارپور ۾، مشهور اديب ۽ صحافي لوڪرام ڏوڏيجا جي گهر ۾، 1931ع ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ، ممبئيءَ ۾ وڃي آباد ٿيو، جتي 1953ع ۾ لڇمڻ داس بجاج جي ڌيءَ لاجونتيءَ سان شادي ڪيائين، جيڪا 1934ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائي هئي. گرڌاري لعل جي والده (يعني لوڪرام جي پهرين زال) ستي منيال، ٻار جي پيدائش وقت گذاري وئي هئي. ان ڪري 12 سالن جي ڄمار تائين گرڌاري لال کي سندس (بيوهه) پڦيءَ نپايو. گرڌاري لال جرنلسٽ ٿيڻ ٿي چاهيو، پر خاندان جي مجبورين جي ڪري کيس ڪاغذ جو اباڻو ڌنڌو ڪرڻو پيو، جيڪو اڄ به ’نوبل مارٽ‘ نالي پوني ۾ قائم آهي ۽ سندس پٽ هريش ڏوڏيجا هلائي ٿو. گرڌاري لعل ’پونا ڪاليج آف انجنيئرنگ‘ مان مڪينيڪل انجنيئرنگ جو امتحام پاس ڪيو. سندس چاچي [يعني لوڪرام جي ننڍي ڀاءُ] ديوان ڪرمچند به انجنيئرنگ ۾ (1936ع ڌاري)B.E ڪئي هئي. ديوان ڪرمچند 8 سال کن سرڪاري نوڪري ڪئي، ان بعد ٺيڪيداري ڪيائين ۽ لوڪرام سان گڏ انڊس گلاس فئڪٽريءَ ۾ ڀائيواري به ڪيائين، جنهن ڌنڌي ۾ اڳتي هلي گرڌاري لال به هٿ وڌايو. گرڌاري لال ڏوڏيجا ناول، ڊراما، ڪهاڻيون، مضمون ۽ يادگيريون لکيون آهن. سندس ناولن ۾ (1) گمراهه (1965ع)، (2) هُنڊيءَ جو حوالو (1966ع)، (3) خوني ڪير؟ (1967ع)، (4) اصلي نقلي (1969ع)، (5) پتني پنهنجي پُٽ پرائو (1983ع) ۽ (6) مجرم وغيره شامل آهن. سندس ناول ’پتني پنهنجي پٽ پرائو‘ آتم ڪهاڻيءَ جي انداز ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ هندو گڏيل ڪٽنب جي عڪاسي ڪيل آهي. هن جا ناول گهريلو مسئلن، جاسوسي ۽ سماجي موضوعن تي آڌارت آهن. سندس ڊرامن جو هڪ ڪتاب ’ڌڻ ڌيئرن جو‘ (1983ع) ۽ مختصر ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’کٽيون مٺيون ڪهاڻيون‘ (1984ع) پڻ ڇپيل آهن. ان کان سواءِ گ. ل. ڏوڏيجا جا هيٺيان ڪتاب پڻ ڇپيل آهن: (1) سنڌي آئين ڪٿان؟ (2) سنڌ جي سار (يادگيريون)، (3) ايڪسڪيوز مي مسٽر وال، (4) لائيف بامبي اسٽائيل، (5) اپنا اجنبي. گرڌاري لال ڏوڏيجا 2000ع ۾ پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو. هن پنهنجي وصيت ڪئي هئي ته: ”منهنجي لاش جي خاڪ سنڌ موڪلجو ته ذرو پرزو سنڌونديءَ ۾ پوندو ته منهنجي روح کي راحت ملندي.“


لفظ گرڌاري لال ڏوڏيجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو